بيگم عبدالله هارون

بيگم عبدالله هارون

بيگم عبدالله هارون

بيگم عبدالله هارون: سنڌ جي عورتن ۾ بيگم نصرت عبدالله هارون کي ممتاز حيثيت حاصل آهي. بيگم عبدالله هارون جي سياسي تربيت بيگم مولانا محمد علي جوهر ڪئي. بيگم نصرت کي اهو شرف حاصل آهي ته هوءَ آل انڊيا وومين مسلم ليگ جي صدر چونڊي. هن نه صرف سنڌ، بلڪه پوري پاڪ و هند جو دورو ڪري مسلمان عورتن کي تحريڪ پاڪستان جي لاءِ سجاڳ ڪيو. سندس شادي ننڍي عمر ۾ سر عبدالله هارون سان ٿي. ڪجهه عرصي کان پوءِ قومي خدمت جي جذبي سان سياسي هلچل ۾ ڪاهي پئي. اهو زمانو هو، جو جڏهن پهرين عالمگير جنگ لڳ هئي. انهن ڏينهن ۾ هوءَ فوجين جي لاءِ سامان گڏ ڪري کين موڪليندي هئي. هن بيگم محمد علي جوهر کان متاثر ٿي پهريون دفعو تقرير ڪئي، جنهن جو موضوع آزادي حاصل ڪرڻ هو.
1925ع ۾ بيگم نصرت ڪراچيءَ جي عورتن جي هڪ انجمن قائم ڪئي. انهن ڏينهن ۾ هوءَ آل انڊيا وومين ڪانفرنس ڪراچي برانچ جي صدر به رهي. 1946ع ۾ سنڌ مسلم خواتين ڪاميٽي بنائي وئي، جنهن ۾ بيگم نصرت کي بطور ميمبر نامزد ڪيو ويو. 1946ع ۾ آل انڊيا وومين مسلم ليگ جي چونڊ بيگم اقبال حسين ملڪ جي جاءِ تي ٿي، جنهن ۾ وڏي اڪثريت سان صدر منتخب ٿي. کيس اهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڻ قائداعظم جي ميزبان به رهي آهي، انهيءَ ڪري قائداعظم سان بي تڪلفيءَ سان گفتگو ڪندي هئي. بيگم نصرت تحريڪ پاڪستان جي بيباڪ ڪارڪن هئي. سندس سڄي زندگي مسلمانن جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي ڀلائيءَ ۾ گذري. بيگم نصرت ڪيترن ئي تعليمي، سياسي ۽ سماجي ادارن جي ميمبر رهي. سندس خدمتون پاڪستان جي استحڪام لاءِ وسارڻ جوڳيون نه آهن.بيگم عبدالله هارون 1966ع ۾ گذاري ويئي.


لفظ بيگم عبدالله هارونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.00.00  عيسوي

1925ع ۾ بيگم نصرت ڪراچيءَ جي عورتن جي هڪ انجمن قائم ڪئي


1946.00.00  عيسوي

1946ع ۾ سنڌ مسلم خواتين ڪاميٽي بنائي وئي ، جنهن ۾ بيگم نصرت کي بطور ميمبر نامزد ڪيو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاج محمد شاهه سيد
احمد سلطان چانڊيو
پيرزادو مير محمد
سر اليگزينڊر فليمنگ
قاضي عبدالقيوم
احمد فقير سمو
ڏاهري جان محمد
حسن ناصر
حڪيم محمد عمر لاکو
سيد نور شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون